حج سورة

حج (سورة): هيءَ قرآن پاڪ جي ٻاويهين سورة آهي ۽ هن ۾ ڏهه رڪوع ۽ 78 آيتون آهن. هن سورة مبارڪه ۾ حج جو موضوع بيان ٿيل آهي. هيءَ سورة مڪي ۾ نازل ٿي. هن جي نزول جي حوالي سان مفسرن ۾ اختلاف آهي. مفسرن جي خيال ۾ هن جو ابتدائي حصو مڪي ۾ هجرت کان ڪجهه وقت پهرين نازل ٿيو ۽ پنجويهين آيت کان اڳتي جو مديني ۾ نازل ٿيو. هن سورة ۾ رب پاڪ ڄاڻايو آهي ته حق جي مخالفت ڪرڻ واري قوم تباهه ٿي ويندي آهي. حق جي فتح يقيني آهي ۽ دنيا جي ڪابه طاقت ان کي ڪاميابي کان روڪي نه ٿي سگھي. هن سورة ۾ حج جي فرضيت جو ذڪر آهي. قربانيءَ جو اصل مقصد ٻڌايو ويو آهي. مالي قربانين سان گڏ جان جي قرباني به ڏيڻ جو فرمايل آهي. هن سورة ۾ حق جي دشمنن کي انهن جي انجام کان واقف ڪيو ويو آهي ۽ مومنن جي باري ۾ ٻڌايو ويو آهي ته دنيا جي سڀني قومن کي توحيد جي تعليم ڏني وئي آهي ۽ هيءُ دين به اها ئي تعليم ڏئي ٿو. مقصد ته سورة حج ۾ شرڪ جي ڪمزورين کي واضح ڪيو ويو آهي. آخر ۾ مسلمانن کي خير جي انجام جي خوشخبري ڏيڻ سان گڏوگڏ اهو به سمجھايو ويو آهي ته ڪاميابي جو دارومدار خداپاڪ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ تي منحصر آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو